ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ هلندڙ سال ڊينگي جا 2 هزار 63 ڪيس رپورٽ ڪيا ويا، جڏهن ته ڊينگي وائرس سبب هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، صوبائي صحت کاتي جو ترجمان موجب هلندڙ سال ڪراچي ۾ ڊينگي جا هڪ هزار 746 ڪيس سامهون آيا، آڪٽوبر ۾ سڄي سنڌ ۾ ڊينگي جا 470 ڪيس رپورٽ ٿيا، ڪراچي ۾ آڪٽوبر ۾ ڊينگي جا 363 ڪيس سامهون آيا.