لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ گرين لاڪ ڊائون به ڌُنڌ ۽ هوائي گدلاڻ کي ختم ڪري نه سگهيو، هوائي گدلاڻ جو گذريل سالن وارو رڪارڊ ٽٽي ويو، شهرين جي زندگي مفلوج بڻجي وئي آهي. هڪ رپورٽ موجب لاهور شهر جي 11 علائقن ۾ لڳايل گرين لاڪ ڊائون به ڌُنڌ ۾ گهٽتائي آڻي نه سگهيو آهي. ايئرڪواليٽي انڊيڪس موجب لاهور شهر ۾ انڊيڪس هڪ هزار 67 تي پهچي وئي آهي ۽ ڏِسڻ جي حد ٻڙي ٿي چڪي آهي. ماحوليات جي ماهرن پاران موجوده ماحول ۾ شهرين کي گهرن کان ٻاهر نڪرڻ کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، ماحولياتي ماهرن جو چوڻ آهي ته ٻارڙا، پيرسن ۽ بيمار ماڻهو گهرن ۾ رهڻ کي اوليت ڏين. ماحولياتي ماهرن موجب شهر ۾ هوائي گدلاڻ سبب ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي، گدلاڻ واري هوا شهرين سان گڏ پکين ۽ وڻ ٻوٽن لاءِ به هاڃيڪار آهي، موجوده ماحول ۾ شهري کاڌ خوراڪ ۽ پاڻي جو گهڻو استعال ڪن.