فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) نون ليگ سينيٽر طلال چوڌري چيو آهي ته 26 آئيني ترميم آندي آهي، 126 هين به ڪرڻي پئي ته ڪنداسين. فيصل آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻول ڪندي طلال چوڌري چيو ته چيف جسٽس آف پاڪستان جي حلف برداري تقريب ۾ ڪي پي جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور سوا ڪلاڪ پهريون پهچي ويو هو. هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا ڪڏهن چون ٿاڊيل ٿي وئي آهي، هاڻي چون ٿا ته ٽرمپ کٽيندو ته اهو اچي کين ڇڏائيندو. طلال چيو ته هي ماڻهو پاڪستان لاءِ لابنگ ڪندا آهن ۽ ڪانگريس کان خط لکرائيندا آهن، نون ليگ سينيٽر چيو ته پاڪستان ۾ سياسي استحڪام ڏکيائي سان قائم ڪيو ويو آهي، غريبن کي سک جو ساهه کڻڻ جو موقعو مليو آهي، ملڪ ۾ مهانگائي گهٽ ٿي آهي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف سيڙپڪاري لاءِ هر هنڌ وڃي رهيو آهي، پي ٽي آءِ جا ماڻهو سعودي وفد کي روڪڻ چاهين پيا، سندس چوڻ هو ته غريب جي چلهه ٻرڻ شروع ٿي آهي، جيڪا بند ٿيڻ نه ڏينداسين. ن ليگي سينيٽر طلال چوڌري وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ وارن کي تڪليف ڪهڙي ڳالهه تي آهي، تحريڪ هلائڻ ۾ ناڪام ٿي ويا، هِنن جي پرڪارن تي ڪا به ڊيل نه ٿيندي.