ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڄ پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ صحافين خلاف ڏوهن جي خاتمي جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي. صحافين جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ غير سرڪاري تنظيم موجب هلندڙ سال 6 صحافين کي قتل ڪيو ويو ۽ 11 صحافين تي قاتلاڻا حملا ڪيا ويا. تنظيم موجب صحافين جي تحفظ جي لاءِ قانون جوڙڻ باوجود حڪومتون انهن قانونن کي پوريءَ طرح لاڳو ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگھيون آهن ۽ صحافي پاڻ کي غير محفوظ سمجھي رهيا آهن. هڪ رپورٽ موجب نومبر 2023 کان آگسٽ 2024 دوران صحافين خلاف 57 ڏوهن جا واقعا رڪارڊ ڪيا ويا. اسرائيل فلسطين جنگ ۽ اسرائيل لبنان جنگ ۾ صحافين جو قتلام ڪيو پيو وڃي.