اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آءِ ايم ايف ٽيڪس هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪاميءَ تي شارٽ فال پورو ڪرڻ لاءِ مني بجيٽ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، ورچوئل ڳالهه ٻول دوران فيڊرل بورڊ آف ريونيو جي ٽيڪس هدفن تي نظرثاني جي درخواست رد ڪئي وئي. ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ مهينن جي شارٽ فال جو ڪاٿو لڳائي 5 سئو ارب جي مني بجيٽ اچي سگهي ٿي. ايف بي آر ذريعن موجب شارٽ فال سبب ٻي قسط ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. ذريعن جو چوڻ آهي ته فيڊرل فورڊ آف ريونيو کي هلندڙ مالي سال جي پهرين چئن مهينن ۾ 1 سئو 88 ارب 80 ڪروڙ رپين جي شارٽ فال جو منهن ڏسڻو پوندو.