خيبرپختون خواهه (ويب ديسڪ) ڪي پي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊيءَ چيو آهي ته دهشتگردي جي مرض جو علاج ڪرڻو پوندو، نه ته هي مرض لاعلاج ٿي سگهي ٿو. ڪي پي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم کي ڪي پي جي امن امان جي صورتحال بابت خط لکيو آهي، ڪي پي ۾ امن لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي ويهي ڳالهائڻو پوندو، صوبائي حڪومت ڪجهه نه پئي ڪري، راندين جا ميدان ويران لڳا پيا آهن، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي گهرجي ته صنعڪارن کي سپورٽ ڪن.