اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وقتي صدر ۽ سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلانيءَ چيو آهي ته صحافين جو تحفظ ڪرڻ کان سواءِ صحافت جو تحفظ ممڪن ناهي، صحافي ڏکين حالتن، خاص ڪري تڪرارن ۽ جنگين دوران رپورٽنگ ڪندا آهن، صحافين کي سينسر شپ، تشدد، ڌمڪين، اغوا ۽ قتل جهڙا خطرا آهن، وقتي صدر يوسف رضا گيلاني صحافين خلاف ڏوهن جي خاتمي واري عالمي ڏهاڙي تي پيغام جاري ڪيو. ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت صحافين جي تحفظ ۽ سندن حقن جي پاسداريءَ لاءِ ترجيحي قدم کنيا آهن، پاڪستاني صحافين جمهوريت، آئين جي پاسداري ۽ قانون جي حڪمرانيءَ لاءِ عظيم قربانيون ڏنيون آهن، حڪومت صحافت ۽ اظهار راءِ جي آزادي يقيني بڻائيندي آهي.