اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جڊيشل ڪميشن جي جوڙجڪ لاءِ ميمبر نامزد ڪري ڇڏيا، قومي اسيمبلي مان مسلم ليگ ن جو شيخ آفتاب ۽ تحريڪ انصاف جو عمر ايوب ميمبر نامزد، سينيٽ مان پيپلز پارٽي جو فاروق ايڇ نائيڪ ۽ تحريڪ انصاف جو شبلي فراز کي به ميمبر نامزد ڪيو ويو، عورت جي سيٽ تي روشن خورشيد کي نامزد ڪيو ويو آهي، ترجمان موجب پارليامينٽ پاران موڪليل نالن ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي برابر نمائندگي آهي، اسپيڪر اياز صادق سپريم ڪورٽ کي خط لکي آگاهه ڪري ڇڏيو.