راولپنڊي (ويب ديسڪ) نئين توشه خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگھيو، پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي پاران نئين توشا خانا ڪيس ۾ بريت لاءِ درخواستون داخل، نئين توشا خانا ڪيس جي ٻڌڻي اسپيشل جج شاهه رخ ارجمند اڍيالا جيل ۾ ڪئي جنهن ايف آءِ اي جي بريت وارين درخواستن جي مخالفت، عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 5 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، آءِ ايف آءِ پراسيڪيوٽر جو چوڻ آهي ته ڄاڻي واڻي فرد جرم لاڳو ٿيڻ نه پيو ڏنو وڃي.