لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) سينيئر بيوروڪريٽ کي پي سي بيءَ جو نئون چيف آپريٽنگ آفيسر (سي اِي او) مقرر ڪرڻ جو فصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب پي سي بي چيئرمين محسن نقويءَ سينيئر بيورو ڪريٽ کي ڪرڪيٽ بورڊ جو سي اِي او مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن جو اعلان جو جلد امڪان آهي، ذريعن موجب لاڳاپيل سينيئر بيورو ڪريٽ ڪيترن ئي هفتن کان پي سي بي ميٽنگز ۾ به ويهندو آهي ۽ ايندڙ هفتي پنهنجي ذميواريون سنڀالي وٺندو. موجوده چيف آپريٽنگ آفيسر سلمان نصير ايندڙ چند ڏينهن ۾ استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو. ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته نئين سي او او هن وقت وزيراعظم جي انتطامي ٽيم جو حصو آهي، نئين سي او او محسن نقويءَ جي وڏ وزارت جي دور ۾ اسٽاف آفيسر هو.