تازہ ترین

اڄ به منهنجو انباڪس بالي ووڊ فلمن جي آڇن سان ڀريو پيو آهي: وينا ملڪ

دبئي (شوبز ڊيسڪ) اڳوڻي اداڪارا ۽ ميزبان وينا ملڪ اڄ تائين بالي ووڊ فلمن جي آڇ ٿيڻ جو انڪشاف ڪيو آهي، تازو ئي وينا ملڪ هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي جتي هن فلم انڊسٽريءَ ۾ ڪم ڪرڻ سميت پنهنجي زندگيءَ بابت مختلف موضوعن تي ڳالهايو. بالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ واري سوال جي جواب ۾ وينا ملڪ جو چوڻ هو ته ڀارت ۾ جڏهن منهنجي فلمن جي شوٽنگ ٿيندي هئي ته ڀارتي انتها پسند تنظيم شيو سينا جا گھڻا ماڻهو هٿيار کڻي ايندا هئا پر مان کين رستو ڏيڻ ۽ پنهنجي وينٽي ۾ وڃڻ جو چوندي هيس. وينا ملڪ چيو ته مون پنهنجي مرضيءَ سان بالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ ڇڏيو، مون کي نٿو لڳي ته مان ان مٽيءَ جي ٺهيل آهيان جو مون کان ڪو زبردستي ڪم ڪرائي، جي مون ڪم ڇڏي ڏنو ته مطلب ڇڏي ڏنو. وينا ملڪ وڌيڪ چيو ته مان پنهنجي فيصلي تي قائم آهيان ۽ هن وقت تائين منهنجو انباڪس بالي ووڊ فلمن جي آڇن سان ڀريو پيو آهي، بالي ووڊ ڇڏڻ جي ڪيترن ئي سالن تائين مون کي فلمن جون آڇون ٿينديون رهيون آهن ۽ منهنجي ٽيم مون کي ڪم ڪرڻ جي درخواستون به ڪندي هئي پر جڏهن توهان فيصلو ڪندا آهيو ته پوءِ توهان کي صبر ڪرڻو پوندو آهي، منهنجي هن ڪهاڻيءَ جي ماڻهن کي خبر ناهي.شاديءَ جي موضوع تي ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته مون کي 70 هزار کان وڌيڪ ماڻهن شاديءَ جي آڇ ڪئي هئي.

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com