اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن ٻن اڳوڻن وزيراعظمن کي طلب ڪري ورتو آهي، اليڪشن ڪميشن باني پي ٽي آءِ ۽ ميان نواز شريف کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. رپورٽن موجب ان بابت اليڪشن ڪميشن هڪ ڪاز لسٽ به جاري ڪئي آهي ۽ اليڪشن ڪيمشن جي توهين جي ڪيس ۾ باني پي ٽي آءِ کي طلب ڪندي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب اليڪشن ڪميشن ۾ نواز شريف جي درخواست تي ٻڌڻي 5 نومبر تي ٿيندي. نواز شريف پاران داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته 26 هين آئيني ترميم ۾ پارٽي پاليسيءَ جي تحت ووٽ ناهي وڌو ويو. اليڪشن ڪميشن ۾ عادل بازئي جي خلاف 63 اي جي تحت ريفرنس موڪليو ويو هو جنهن تي هاڻي اليڪشن ڪميشن پارٽي سربراهه مسلم ليگ نواز کي به طلب ڪيو آهي.