اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان يحييٰ آفريدي جوڊيشل ڪميشن جو پهريون اجلاس 5 نومبر تي سڏائي ورتو، 26 هين آئيني ترميم ۽ جڊيشل ڪميشن جي نئين سر جوڙجڪ جي پهرين اجلا س ۾ ڪميشن جي سيڪريٽريٽ جي قيام تي ڳالهيون ٿينديون، ذريعن موجب سپريم ڪورٽ ۾ آئيني بئنچن جي لاءِ ججن جي نامزدگي تي غور ويچار ڪيو ويندو.