ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي پاران سڄي ملڪ ۾ 57 هون يوم تاسيس ضلعي سطح تي ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي پيپلز پارٽي 57 هون يوم تاسيس ضلعي سطح تي ملهائيندي، هر ضلعي ۾ يوم تاسيس جي حوالي سان تقريبون منعقد ڪيون وينديون، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو خطاب ملڪ جي سمورن ضلعن جي تقريبن ۾ سڌوسنئون نشر ڪيو ويندو.