ڪراچي (ويب ڊييسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڏکڻ وزيرستان ۾ خارجين خلاف ڪامياب آپريشن ڪرڻ تي پاڪ فوج جي جوانن کي واڌايون ڏنيون آهن، وزيراعليٰ هائوس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته پاڪ فوج وڏي بهادري سان 4 خارجين کي دروزخ ڀيڙوڪيو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته اسان جي فوج هر طرح جي خارجين جو خاتمو ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي، دهشتگردن جي خاتمي تائين آپريشن جو سلسلو جاري رهندو. سندس چوڻ هو ته هاڻي دهشتگردن جي خاتمي جو وقت اچي ويو آهي، دهشتگردن کي انجام تائين پهچايو ويندو.