ممبئي (اسپورٽس ڊيسڪ) نيوزيلينڊ ڀارت کي ٽئين ٽيسٽ ۾ سندس هوم گرائونڊ تي وائيٽ واش ڪري ڇڏيو، نيوزيلينڊ جي ٽيم ٽئين ٽيسٽ ۾ ڀارتي ٽيم کي 25 رنس تان شڪست ڏئي ڇڏي، نيوزيلينڊ پهرين بيٽنگ ڪندي ڀارت کي کٽڻ لاءِ 147 رنس جو هدف ڏنو، نيوزيلينڊ طرفان ڏنل 147 رنس هدف جي جواب ۾ ڀارتي ٽيم 121 رنس تي ڍير ٿي وئي. نيوزيلينڊ ڀارت کي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 0-3 تان شڪست ڏئي ڀارتي ٽيم کي وائيٽ واش ڪري ڇڏيو.