ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اڄوڪي ڏهاڙي تي هڪ آمر پاڪستان جي آئين تي ڪاري ضرب لڳائي، آمر غيرقانوني حڪومتي نظام قائم ڪري ملڪ کي ڪمزور ڪيو، سنڌ جي وڏي وزير 3 نومبر جي حوالي سان پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته مشرف جي دور ۾ دهشتگردي جا ايترا واقعا ٿيا جو ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ رتورت ٿي وئي، ڊڪٽيڪٽر مشرف جي دور ۾ عظيم قائد محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو، جنرل ضياءَ جي دور ۾ قائد عوام کي غيرآئيني فيصلي تحت شهيد ڪيو ويو، سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت ۽ عوام کي آمرن هٿان وڏو نقصان ٿيو آهي.