اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف سڀاڻي وفاقي ڪابينا جو اجلاس سڏائي ورتو، وزيراعظم پاران سڏايل وفاقي ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي منجهند جو اڍائي وڳي شروع ٿيندو، ذريعن موجب وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ اهم قانوني معاملا غور هيٺ آندا ويندا. اجلاس ۾ موجوده ملڪي معاشي حالت ۽ ملڪي امن امان بابت غور ويچار ڪيو ويندو. ٻئي طرف قومي اسيمبليءَ جي سڀاڻي ٿيندڙ اجلاس جو وقت پڻ تبديل ڪيو ويو آهي.