ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته 3 نومبر ملڪي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي، هڪ آمر جمهوري نظام کي ڀرپائي نه ٿيڻ جوڳو نقصان رسايو، سنڌ جي گھرو وزير پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته جمهوري قوتون هن ڪاري ڏينهن کي سدائين ياد رکنديون، پيپلز پارٽي کي نقصان رسائيندڙن جو خاتمو ٿي ويو آهي، ڏکياين باوجود پاڪستان پيپلز پارٽي جمهوري جي بقاءَ لاءِ جدوجهد ڪندي رهندي.