اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ڊجيٽل ڪرنسيءَ کي قانوني قرار ڏيڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي، ان سلسلي ۾ اسٽيٽ بئنڪ پاران حڪومت کي ٻٽي شهريت وارن ماڻهن کي مرڪزي بئنڪ جو گورنر، ڊپٽي گورنر مقرر ڪرڻ ۽ ڊجيٽل ڪرنسيءَ کي قانوني حيثيت ڏيڻ جي لاءِ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ائڪٽ ۾ ترميمن جون تجويزون پيش ڪري ڇڏيون آهن، ذريعن موجب خزاني واري وزارت اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ائڪٽ ۾ درجن کن ترميمن جي تجويز ڏني آهي، قانون واري وزارت انهن جو جائزو وٺي چڪي آهي، ان بابت هڪ سمري وفاقي ڪابينا کي موڪلي وئي آهي، منظوريءَ جي صورت ۾ هيءُ قدم حڪومتي پالسي ۾ هڪ وڏي تبديل هوندي.