ڪيرالا (ويب ڊيسڪ) ٽرين جي پٽڙين جي صفائيءَ ۾ مصروف 4 مزدور ٽرين جي ٽڪر سبب اجل جو شڪار ٿي ويا، ڀارتي ميڊيا موجب ڀارتي ڪيرالا رياست جي ضلعي پالڪڙ ۾ اهڙو حادثو پيش آيو، جتي 2 عورتن سميت 4 صفائي ڪندڙ مزدورن کي تيز رفتار ٽرين چٿي ڇڏيو، ميڊيا موجب مزدورن جوموت ان وقت واقع ٿيو جڏهن هو درياهه جي مٿان پل تي واقع پٽرين جي صفائي ڪري رهيا هئا ۽ اوچتو هڪ تيز رفتار ٽرين ڪيرالا ايڪسپريس اچي وئي جنهن جي وڪڙ ۾ اچي 2 عورت مزدورن سميت 4 مزدرو اجل جو شڪار ٿي ويا. ريلوي انتظاميه موجب ٽرين ڪيرالا کان نئين دهليءَ طرف وڃي رهي هئي. 3 مزدورن جا لاش واقعي واري هنڌ تان کنيا ويا جڏهن ته چوٿين مزدور ج لاش نه ملي سگھيو هو، جنهن جي ڳولا جاري هئي، اندازو لڳايو پي ويو ته ان آخري مزدور ٽرين جي اوچتو اچڻ تي شايد ڀرٿ پوزا درياهه ۾ ٽپو ڏنو هجي. ڀارتي پوليس موجب سمورن مزدورن جو تعلق ڀارتي رياست تامل ناڊو سان آهي.