اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت پاران قومي اسيمبليءَ ۽ سينيٽ ۾ سڀاڻي اهم قانونسازي ڪرڻ جو امڪان آهي، ذريعن موجب قومي اسيمبلي جي سڀاڻي واري اجلاس جو وقت تبديل ڪيو ويو آهي، قومي اسيمبليءَ جو اجلاس سڀاڻي شام 5 بدران هاڻي 4 وڳي ٿيندو، حڪومتي ميمبرز کي ايوان ۾ حاضري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي، دهشتگردي جي خاتمي بابت ترميمي بل جي منظوري جو به امڪان آهي.