عمرڪوٽ (ويب ڊيسڪ) عمرڪوٽ ڊسٽرڪٽ اسپتال ۾ سائيڪل جي پمپ سان مريض کي آڪسيجن ڏيڻ جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي. وڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته هڪ مريض کي سائيڪل جي پمپ سان آڪسيجن ڏني پئي وڃي، جڏهن ته ايم ايس ڊسٽرڪٽ اسپتال اها وڊيو ڪوڙ ۽ بدنيتيءَ تي ٻڌل هجڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ڊپٽي ڪمشنر کي جمع ڪرايل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته وائرل ٿيل وڊيو ۾ ڪا صداقت نه آهي ۽ ڊسٽرڪٽ اسپتال ۾ سينٽرل آڪسيجن سسٽم لڳل آهي، وڊيو سامهون اچڻ کان پوءِ ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ معاملي جو نوٽيس وٺي رپورٽ طلب ڪئي هئي.