ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي جو اجلاس جاري آهي، جنهن دوران سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته نارڪوٽڪس جو قانون رڳو سنڌ اسيمبلي ۾ پاس ٿيو آهي، پنجاب جهڙي وڏي اسيمبلي ۾ به نارڪوٽڪس جو قانون پاس ناهي ٿيو، اعليٰ سوسائٽي ۾ منشيات کي فيشن طور استعمال ڪيو پيو وڃي، سڀ کان وڏو چئلينج ڪرسٽل ۽ آئيس آهي، منشيات جي روڪٿام سڀني جي ذميواري آهي، سنڌ اسيمبليءَ م سوالن جوابن جي وقفي دوران سوالن جا جواب ڏيندي شرجيل ميمڻ چيو ته منشيات فروشن خلاف ڪارروايون جاري آهن، منشيات جي خاتمي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، منشيات جي خاتمي لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين، جن علائقن ۾ منشيات وڪرو ٿي رهي آهي انهن جي نشاندهي ڪئي وڃي. ان کان اڳ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ آزاد اميدوار سجاد سومرو جو منشيات جي وڪري تي ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو ۽ چيو ته لياري ۾ منشيات سرعام وڪرو ٿي رهي آهي، سجاد سومرو جي منشيات جي وڪري بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار جا جواب ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت تازو منشيات جي خاتمي لاءِ قانون پاس ڪيو آهي، لياري ۾ منشيات جون شڪايتون آهن پر انهن کي وڌائي پيش ڪرڻ مناسب ناهي، ڊپٽي اسپيڪر نويد اينٿوني جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس جاري آهي.