ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر هاڪاري تبديلي ڏسڻ ۾ آئي آهي، ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن جي شروعات دوران اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي رڪارڊ ڪئي وئي. هڪ هزار 39 پوائنٽس جي اضافي سان پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هنڊريڊ انڊيڪس 91 هزار 8 سئو 99 پوائنٽس جي سطح تي ٽريڊ ڪري رهيو آهي. گذريل ڪاروباري هفتي جي آخري ڏهاڙي تي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جي پڃاڻي هاڪاري زون ۾ ٿي هئي. هنڊريڊ انڊيڪس 18 سئو 93 پوائنٽس اضافي سان گڏ 90 هزار 8 سئو 59 پوائنٽس جي سطح تي بند ٿيو هو.