راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي وزير ۽ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته اسان تي تمام گھڻو ظلم ڪيو پيو وڃي، دهشتگرديءَ جي انت واري عدالت راولپنڊيءَ ۾ پيشيءَ وقت ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته اسان تي 14، 14 ڪيس آهن، تمام گھڻو ظلم پيو ڪيو وڃي. هن چيو ته قوم مان ڊپ ختم ٿي چڪو آهي، اسان 40 ڏينهن جو چِلو ڪٽيو آهي، صحت اڃا تائين ٺيڪ ناهي، شڪر آهي جو انتظار پنجوٿا واپس آيو، ڪهاڻي ٺاهڻ وارن کي داد ٿو ڏيان. شيخ رشيد چيو ته پي آءِ اي کي ايئن وڪڻي رهيا آهن ڄڻ سندن پيءُ جو مالُ هجي، حڪومت ويهي چڪي آهي، پي آءِ اي جي جاءِ تي پنهنجا فليٽ وڪرو ڪن، شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته اسٽيٽ بئنڪ يا ايف بي آر ثابت ڪري ته هِنن جي دور ۾ ڪا سيڙپڪاري آئي آهي، زمين تي ٽئڪس وڌايا ويا، ان کان پهريان ايئن ڪڏهن نه ٿيو هو، آمريڪي صدر جي چونڊ سموري دنيا تي اثر وجھندي آهي.