اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي گھر واري بشريٰ بي بي عدالت ۾ بيان ڏيندي روئي وٺي، اسلام آباد جي ڊسڪٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ باني پي ٽي آءِ جي 6 ۽ بشريٰ بي بيءَ جي هڪ ڪيس ۾ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ بشريٰ بي بيءَ عدالت ۾ پيش ٿي، ٻڌڻيءَ دوران بشريٰ بي بي روسٽرم تي اچي چيو ته مان انصاف جي ڪرسيءَ تي ويٺل منصفن جي 9 مهينن کان ناانصافيءَ جو شڪار آهيان، باني پي ٽي آءِ ۽ مون سان ناانصافي ڪري سزا ڏني وئي. هن چيو ته اسان جي وڪيلن سميت سمورا وڪيل صرف وقت وڃائي رهيا آهن، جيڪو اندر انسان ويٺو آهي، ڪنهن به جج کي اهو نظر نٿو اچي، آئون هاڻ هن عدالت ۾ نه اينديس ڇو ته هتي صرف ناانصافيون ٿينديون آهن. ٻڌڻيءَ دوران بشريٰ بي بي روئي ويٺي ۽ چيو ته انصاف ته آهي ئي ڪونه، مان انصاف لاءِ هِتي ناهيان آئي، منهنجو ڪمبل ۽ ٻيو سامان گاڏيءَ ۾ پيل آهي جڏهن توهان چوندئو مان جيل هلي وينديس.