المورا (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اتراکنڊ ۾ هڪ مسافر بس اونهي کاهيءَ ۾ ڪرڻ جي نتيجي 36 مسافر اجل جو شڪار بڻجي ويا. ڀارتي ميڊيا موجب رياست اتراکنڊ جي شهر المورا ۾ هڪ مسافر بس ڊرائيور جي قابوءَ مان نڪري 200 ميٽر اونهي کاهيءَ ۾ ڪري پئي. رپورٽ موجب ۾ ڪُل 50 مسافر سوار هئا ۽ بس گولي کال جي علائقي کان رام نگر وڃي رهي هئي جنهن دوران ان سان حادثو پيش آيو، نتيجي ۾ 36 مسافر مري ويو جڏهن ته 19 ڄڻا زخمي ٿي پيا. حادثي جي اطلاع تي مقامي ماڻهن ۽ ريسڪيو ٽيمون حادثي واري هنڌ پهچي ويون جتي زخمين کي فوري طور طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.