ڇويهين آئيني ترميم سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪئي وئي آهي، جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان 26 هين آئيني ترميم خلاف درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، درخواست ۾ وفاق سميت چئني صوبن کي ڌر بڻايو ويو آهي. حافظ نعيم الرحمان درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته 26 هين آئيني ترميم بنيادي حقن جي خلاف آهي، آئيني ترميم بنيادي آئيني ڍانچي ۽ ڪيترين ئي آئيني شقن جي ڀڃڪڙي آهي، درخواست ۾ گھر ڪئي وئي آهي ته 26 هين آئيني ترميم کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.