ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ جلد آئيني بينچز جوڙڻ لاءِ وفاق سان رابطو ڪنداسين. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران خيالن جو اظهار ڪندي وڏي وزير چيو ته چاهيون ٿا ته جلد کان جلد عوام کي 26 هين آئيني ترميم جا فائدا ملن. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ڊرافٽ تي سمورين پارٽين کي راضي ڪيو. جڊيشل ڪميشن جي جوڙجڪ جو انتظار ڪري رهيا هئاسين. مراد علي شاهه چيو ته 26 هين آئيني ترميم کان پوءِ هي ٺهراءُ آڻڻ ضروري هو. ٺهراءُ منظور ٿيڻ کان پوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني بئنچ ٺهندي.