راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بيءَ خلاف اڍيالا جيل ۾ 190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، 190ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا ڪئي، ان موقعي تي پي ٽي آءِ باني کي عدالت جي ڪمري ۾ پيش ڪيو ويو، بشريٰ بي بي جو وڪيل عثمان گل مصروفيتن سبب عدالت ۾ پيش نه ٿي سگھيو، ٻڌڻيءَ دوران سهڪاري وڪيل فيصل چوڌري طرفان ريفرنس جي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي استدعا ڪئي، ان موقعي تي نيب پراسيڪيوشن ٽيم جي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ واري استدعا جي مخالفت، نيب جي وڪيل چيو ته 36 ٻڌڻيون ٿي چڪيون، بشريٰ بي بي جو وڪيل آڏي پڇا مڪمل نه پيو ڪري، ڪيس کي غير ضروري ڊيگهه ڏني پئي وڃي، آڏي پڇا جو حق ختم ڪيو وڃي، عدالت فريادي ڌر جي وڪيلن کي اربع ڏينهن آڏي پڇا جو آخري موقعو ڏئي ڇڏيو، عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي آڏي پڇا مڪمل نه ڪئي وئي ته آڏي پڇا جو حق ختم ڪيو ويندو. عدالت 190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي 6 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.