تلهار (ويب ڊيسڪ) تلهار ويجهو حيدرآباد-بدين روڊ تي وين ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو. حاجي خان اسٽاپ وٽ حادثي ۾ 35 ورهين جو اڻڄاتل نوجوان حياتي وڃائي ويٺو، حادثي جي اطلاع تي پهتل پوليس جو چوڻ هو ته حادثي سبب فوت ٿيل نوجوان جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، فوتي جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگھي.