اسلام آباد (ويب ديسڪ) ايراني پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي 2 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اڄ پاڪستان پهچندو، ايراني پرڏيهي وزير وزيراعظم شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سان ملاقاتون ڪندو. پاڪستان جي پرڏيهي کاتي پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايراني پرڏيهي وزير وچ اوڀر جي صورتحال ۽ ٻه طرفن ڳانڍاپن تي مشاورت ڪندو، هي دورو ٻنهي ملڪن جي مختلف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جو اهم موقعو آهي.