اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) امن ۽ ثقافت آرگنائزيشن جي چيئر پرسن مشعال ملڪ چيو آهي ته ياسين ملڪ کي جيل ۾ علاج جي سهولت به نه پئي ڏني وڃي، ياسين ملڪ جي صحت بابت ڳڻتي آهي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مشعال ملڪ چيو ته ياسين ملڪ جي حياتي بچائڻ لاءِ انساني حقن جون تنظيمون ڪردار ادا ڪن، ياسين ملڪ بک هڙتال تي آهي، انساني حقن جون تنظيمون ياسين ملڪ جي صحت بابت آواز اٿارين، هن چيو ته ياسين ملڪ جيل ۾ ڀارتي سختيون برداشت ڪري رهيو آهي.