پالابيڪ پناهگير ڪئمپ (ويب ڊيسڪ) يوگانڊا ۾ هڪ چرچ تي کنوڻ ڪرڻ سبب 13 ٻارڙن سميت 14 ڄڻا اجل جو شڪار بڻجي ويا جڏهن ته 34 ڄڻا زخمي ٿي پيا. برطانوي خابرو اداري جي رپورٽ موجب اهڙو افسوسناڪ واقعو يوگانڊا جي اتر اوڀر ۾ واقع پالا بيڪ پناهگير ڪئمپ ۾ پيش آيو، جيڪا هن وقت 80 هزار کان وڌيڪ پناهگيرن جي رهائشگاهه آهي. رپورٽ موجب پالا بيڪ پناهگير ڪئمپ جي متاثر 2 ڏينهن اڳ چرچ ۾ مذهبي رسمن جي ادائيگيءَ ۾ مصروف هئا ته ان دوران گجگوڙ سان تيز برسات جو سلسلو شروع ٿيو.تيز برسات دوران کنوڻ ڪرڻ جي نتيجي ۾ 14 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 34 ماڻهو زخمي ٿي پيا. يوگانڊا پوليس ترجمان موجب مارجي ويندڙن ۾ 13 ٻارڙا به شامل آهن جڏهن ته هڪ نوجوان جي عمر 21 سال هئي، حادثي ۾ موت جو شڪار ٿيندڙ ٻارن جون عمريون معلوم نه ٿي سگھيون آهن.