اسلام آباد (ويب ديسڪ) خيبرپختون خوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته پي آءِ اي جي ڀلي ڪيتري به ٻولي اسان خريد ڪنداسين. پنهنجي هڪ بيان ۾ علي امين گنڊاپور چيو ته اسان جي حڪومت پي آءِ اي خريد ڪندي ۽ ان کي ان جي ئي نالي سان هلائيندي. جيستائين ٻولي لڳائڻي پئي لڳائينداسين پر پي آءِ اي ضرور خريد ڪنداسين. علي امين گنڊاپور موجب قوم جي اڳيان واضح ٿي چڪو آهي ته هِنن جي نيت ڪهڙي هئي، هي ماڻهو اڻ سڌيءَ طرح پاڻ ئي ڀڳڙڻ مٺ پي آءِ اي خريد ڪري رهيا هئا، هن چيو ته آءِ ايم ايف جي رپورٽ اچي چڪي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته خيبرپختون خوا کان سواءِ ڪنهن به صوبي آءِ ايم ايف جو حدف حاصل ناهيو ڪيو.