واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ڳائڻيءَ لومس قومي ترانو پڙهڻ دوران وات مان گار نڪري وڃڻ تي معافي گھري ورتي آهي، برطانوي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڳائڻي لومس گذريل ڏينهن صدارتي اميدوار جي بحث کان اڳ سڌي سنئين ٽي وي نشريات دوران آمريڪا جو قومي ترانو پرهيو هو جنهن دوران سندس وات مان روانگيءَ ۾ گار نڪري وئي هئي جنهن جو وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل به ٿي ويو هو. ڳائڻيءَ پنهنجي غلطي محسوس ڪندي ٻڌندڙن ۽ ڏسندڙن کان معافي گھري ورتي آهي. وڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ ڳائڻيءَ تي سڄي دنيا مان ڇتي تنقيد ڪئي وئي جنهن بعد ڳائڻيءَ هاڻي باصابطا معافي وٺي ڇڏي آهي.