پنگور (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي پنجگور ۾ ٻن ڌرين ۾ جھيڙي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 3 ماڻهو زخمي ٿي پيا، رپورٽ موجب پنجگور جي علائقي چتڪان غريب آباد ۾ ٻن سئوٽن ۾ جھيڙي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ جھيڙي دوران ڌڪ لڳڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، پوليس انتظاميه موجب لاشن کي ضابطي جي ڪارروائي ۽ زخمين کي طبي امداد جي لاءِ ٽيچنگ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب جھيڙي دوران مارجي ويندڙ ۽ زخمي پاڻ ۾ سئوٽ آهن، واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، جوابدارن خلاف جلد سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.