ڪراچي( ويب ڊيسڪ) مختلف شهرن ۾ حادثن ۾ عورت سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، عمرڪوٽ ۾ ڪيرلو اسٽاپ ڀرسان ڪار ۽ جيپ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو جڏهن ته 3 زخمي ڄڻا زخمي ٿي پيا، حادثي ۾ جمعو سميجو فوت ٿي ويو. خيرپور ڀرسان ٽنڊو مستي ريلوي ڦاٽڪ پار ڪرڻ دوران ٽرين جي ٽڪر ۾ پيرسن فوت ٿي ويو، 60 ورهين جو زوار حسين عرف جالو خان مري حادثي جو شڪار ٿي ويو. هوڏانهن ٽنڊي آدم ڀرسان ٻن موٽر سائيڪلن ۾ زوردار ٽڪر سبب زخمي ٿيل عورت فوت ٿي وئي، 35 ورھين جي ميرجي زال ملو ڀيل حيدرآباد جي اسپتال ۾ زخمن جي سٽ نه سھندي فوت ٿي وئي.