بلڙي شاهه ڪريم (ويب ڊيسڪ) بلڙي شاهه ڪريم جي شھباز ڪالوني ۾ نوجوان جو گهرن ڀرسان وڻ ۾ ڦاهو ڏنل لاش هٿ آيو، وارثن پاران قتل جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي، اطلاع تي پوليس پهچي 22 ورهين جي غمشاد علي رند جو لاش کڻائي ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، نوجوان جي ڀاءُ جو چوڻ آهي ته سندن ڪنھن سان دشمني ناھي، منهنجو ڀاءُ شھر ۾ ترسيل ھو، 3 مھينا اڳ ھن جي شادي ٿي ھئي.