اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي وزير سيد عباس عراغچي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پاڪستان پهچي ويو، پرڏيهي ترجمان موجب ايراني پرڏيهي وزير عباس عراغچي وزيراعظم شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سان ملاقاتون ڪندو، وچ اوڀر جي صورتحال ۽ پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن تي مشاورت ڪندو.
