اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف سميت سروسز چيفس جو مدو 5 سال هوندو، وقتي صدر سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي مان منظور ڇهن بلن تي صحيح ڪري ڇڏي، صحيح بعد سمورا بل قانون بڻجي ويا، وقتي صدر يوسف رضا گيلاني آرمي ايڪٽ ترميمي بل، نيوي ايڪٽ ترميمي بل، ايئر فورس ايڪٽ ترميمي بل تي صحيح ڪري ڇڏي، وقتي صدر پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل، سپريم ڪورٽ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججز جي انگ ۾ واڌ واري بلن جي منظوري پڻ ڏني، بل تحت سپريم ڪورٽ ۾ ججز جو انگ 17 مان وڌائي 34 ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو ججز جو تعداد 9 مان وڌائي 12ڪيو ويندو.