اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) 26 هين آئيني ترميم تي فل ڪورٽ بئنچ لاءِ ٻن سينئر ججز جو چيف جسٽس کي خط، جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس منيب اختر خط ۾ چيو آهي ته 31 آڪٽوبر جي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ 26 هين ترميم جو ڪيس فل ڪورٽ ۾ لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ڪاميٽي فيصلي باوجود ڪا ڪازلسٽ جاري نه ٿي آهي، هن ئي هفتي 26 هين آئيني ترميم خلاف درخواستون فل ڪورٽ سامهون لڳايون وڃن.