تازہ ترین

لاهور هڪ ڀيرو ٻيهر فضائي گدلاڻ جو شڪار، انڊيڪس وڌي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان پوءِ سموگ ۾ ڪنهن حد تائين گھٽتائي آئي هئي پر فضائي گدلاڻ ۾ هي شهر اڄ به پهرئين نمبر تي آهي. آمريڪي ايئر ڪواليٽي انڊيڪس موجب لاهور ۾ آلودگيءَ جو اسڪور هڪ هزار کان گھٽ ٿي 609 تي اچي ويو آهي. لاهور گذريل ڪجھه ڏينهن کان لاڳيتو دنيا جي گدلن شهرن جي فهرست ۾ پهرئين نمبر تي رهيو پر، ڪالهه نئين دهلي پهرين نمبر تي ۽ لاهور ٻئي نمبر تي رهيو. هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر لاهو فضائي گدلاڻ جي انڊيڪس ۾ سڀني شهرن کان مٿي اچي ويو آهي. لاهور ۾ وڌندڙ فضائي گدلاڻ باوجود شهري ماسڪ پائڻ لاءِ سنجيده ناهن جڏهن ته پابنديءَ باوجود چنگچي رڪشا گرين لاڪ ڊائون وارن علائقن جي روڊن تي روان دوان آهن. ياد رهي ته وڌندڙ فضائي گدلاڻ جي مسئلي بعد ڪجھه ڏينهن اڳ پنجاب حڪومت سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن جي پرائمري سيڪشن جي موڪلن جو اعلان ڪيو هو.

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com