قومي اسيمبلي اجلاس ملتوي، عمر ايوب جي حڪومت تي ڇتي تنقيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب طرفان گذريل رات جلد بازيءَ ۾ قانون سازيءَ جي معاملي تي حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪئي جنهن کان فوري پوءِ ان جي لفظن کي ڪارروائيءَ مان حذف ڪندي حڪم ڏيندي ڊپٽي اسپيڪر سيد مير غلام مصطفيِٰ شاهه قومي اسيمبليءَ جو اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. ڊپٽي اسپيڪر سيد مير غلام مصطفيٰ شاهه جي صدارت هيٺ قومي اسيمبليءَ جي ٿيل اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي عمر ايوب چيو ته حڪومت پنهنجي لاءِ پاڻ کڏ کوٽي رهي آهي، هيءَ قانونسازي انهن جي ئي خلاف استعمال ٿيندي، هن جلدبازيءَ ۽ تڪڙ ۾ ڪيل قانونسازيءَ کي شرمناڪ ۽ موجوده اتحادي حڪومت کي چورن جي حڪومت قرار ڏنو. ڊپٽي اسپيڪر مداخلت ڪندي سندس لفظ ڪارروائيءَ مان حذف ڪري ڇڏيا. عمر ايوب جي بيان کان پوءِ سيشن جي سڌي سنئين ڪوريج به روڪي وئي ۽ اجلاس کي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو. عمر ايوب چيو ته قومي ايئر لائين جو ڪهڙو حشر ڪيو ويو، پاڪستان ايئر لائين (پي آءِ اي) جو هڪ ئي بڊر آيو، ان صرف 10 ارب رپيا ڏيڻ لاءِ چيو، هن چيو ته ملڪ ۾ ترقي نه پئي ٿئي، 10 لک ماڻهو پاڪستان ڇڏي ويا آهن، حڪومت کي هوش کان ڪم وٺڻ گھرجي. عمر ايوب مطالبو ڪيو ته فوري طور صاف ۽ شفاف اليڪشن ٿيڻ گھرجي، فارم 47 جي حڪومت ۾ سگھه نه آهي، ڀارت ۾ سپريم ڪورٽ جي ججز جو تعداد 33 آهي هتي 34 ٿي ويا آهن. مخالف ڌر اڳواڻ بشريٰ بي بي کي ڀرپور ڀيٽا ڪيش ڪندي چيو ته اڳوڻي خاتون اول ڀرپور طريقي سان ڪيسن کي منهن ڏنو، بشريٰ بي بيءَ ثابت ڪيو ته هو باني پي ٽي آءِ عمران خان جي طاقت آهي.

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com