گمبٽ (ويب ڊيس) گمبٽ جي خانگي نرسنگ ڪاليج ۾ تعليم پرائيندڙ هالاڻي جو رهواسي شاگرد پُراسرار نموني فوت ٿي ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته فوتي شاگرد اظهر چانگ جي ڀاءُ بيان رڪارڊ ڪرايو آهي ته هُنن جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، هُو پنهنجي ڀاءُ جي مڙهه جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ نٿو چاهي.