تنگواڻي (ويب ڊيسڪ) تنگواڻيءَ ڀرسان مڙس معمولي ڳالهه تان زال کي قتل ڪري ڇڏيو، ڳوٺ فتح محمد لاشاري ۾ جوابدار مقيم لاشاريءَ پنھنجي گھر واري مٿان پسٽل جا فائر ڪيا ان کي زخمي ڪري وڌو، گولي لڳل عورت کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ سول اسپتال سکر منتقل ڪيو ويو جتي عورت زخم جي سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو. جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويو.