غزا (ويب ڊيسڪ) غزا ۾ اسرائيلي فوج جي بمباري جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 37 فلسطيني شهيد ٿي ويا، اسرائيلي فوج ڪمال ادوان اسپتال تي ٻيهر حملو ڪري ڏنو، اتر غزا ۾ يهودي فوج جو گهيراءُ برقرار آهي جنهن جي ڪري امدادي سرگرميون معطل آهن، غزا سٽي ۾ اسرائيلي ڊرون حملي ۾ 2 فلسطيني شهيد ٿي ويا، لبنان تي اسرائيلي حملي ۾ 16 شهري شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 90 ماڻهو زخمي ٿي پيا، اسرائيلي علائقي بنيا من پوسٽ تي حملي ۾ 2 اسرائيلي عورتون ۽ فوجي اهلڪار زخمي ٿي پيا.