اٽڪ (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي جيل مان آزاديءَ بعد ٻيهر گرفتار ڪيو ويو، اڳوڻي وفاقي وزير کي اٽڪ جيل مان آزاد ٿيندي ئي اٽڪ جيل جي گيٽ تي موجود پوليس ٻيهر گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب اعظم سواتي خلاف ٽيڪسلا ٿاڻي ۽ حسن ابدال ۾ ڪيس داخل آهن جنهن سلسلي ۾ کيس ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي.