اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي حملا ايران جي خودمختياري جي سنگين ڀڃڪڙي آهن، پاڪستان وچ اوڀر ۾ اسرائيلي فوجي اڳرائي جي مذمت ڪري ٿوي، ايران جي عوام سان ٻڌي جو اظهار ڪريون ٿا، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ ايراني پرڏيهي وزير سيد عباس عراغچي جي گڏيل پريس ڪانفرنس، ان موقعي تي ايراني پرڏيهي وزير سيد عباس عراغچي چيو ته هو فلسطين مسئلي تي پاڪستان حڪومت جي مضبوط موقف جي واکاڻ ڪريون ٿا، دنيا فلسطين ۾ جاري نسل ڪشي روڪرائڻ ۾ ناڪام رهي آهي، خطي ۾ اسرائيلي بربريت روڪرائڻ لاءِ گڏيل ڪوششون گهربل آهن، ايراني پرڏيهي وزير جي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سان ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات ۾ وچ اوڀر جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ.